- Advertisement -
ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ آزاد اميدوارن ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي .
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته وڏي تعداد ۾ عام چونڊن دوران ڪامياب ٿيل آزاد اميدوارن ن ليگ سان رابطو ڪيو آهي، وفاق ۽ پنجاب ۾ آزاد اميدوارن لاءِ ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دروازا کليل آهن .
ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ايندڙ 72 ڪلاڪن دوران آزاد اميدوار اهم اعلان ڪندا.
اسحاق ڊار چيو ته ته ن ليگ قومي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي سياسي جماعت بڻجي سامهون آئي آهي، هو اليڪشن ڪميشن جي مڪمل سرڪاري نتيجن جا منتظر آهن.- Advertisement -
