تازه ترين

شهباز شريف جي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات: ذريعا

- Advertisement -
پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ حڪومت سازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ٻنهي پارٽين گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن حڪومت سازي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو، ملاقات دوران اسيمبلي ميمبرن جي نمبر گيم تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻئي اڳواڻ آزاد ميمبرن سان رابطو ڪرڻ بعد ٻيهر ملاقات ڪندا، مولانا فضل الرحمان سان به ملاقات ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات دوران وزيراعظم ڪير هوندو ان تي اڃا تائين ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، وزيراعظم جي ايجنڊا تي نمبر گيم ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ياد رهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن لاهور پهتا هئا ٻئي ڄڻا پارٽي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
51 %
2kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون