- Advertisement -
سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي چيئر پرسن سنڌو نواز گهانگهرو ۽ پنهل ساريو ميرپورخاص ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سول سوسائٽي جي موقف جي سوڀ قرار ڏنو آھي.
سنڌو نواز گھانگھرو ۽ پنھل ساريو ميرپورخاص ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتي فيصلو سوسائٽي جي موقف جي سوڀ آهي، هنن پهرين ڏينهن معاملا قانون موجب اڪلائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.
هنن چيو ته عمرڪوٽ ۾ جن احتجاج ۽ مارچ ڪري نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، انھن کي ڪجهھ نھ چيو ويو.
سندن چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن جي ڳالهه ڪندڙ سول سوسائٽي مٿان لٺيون وسايون ويون.
سنڌو نواز گھانگھرو ۽ پنھل ساريو چيو تھ سنڌ حڪومت کي واضح ڪرڻ گھرجي تھ اھا جنوني يا پرامن ماڻھن سان بيهڻ چاهي ٿي…..- Advertisement -
