- Advertisement -
دولتپور صفن جي عدالت ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي پروين رند هراسمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
سول جج عدالت ۾ پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي پروين رند هراسمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
فريادڻ ميڊيڪل جي شاگردياڻي پروين رند پيرين اگهاڙي عدالت پهتي.
ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت به عدالت پهتو
جوابدار فريده وڳڻ، عتيقا ڌامراهه ۽ فرحين ڏاهري عدالت ۾ پيش نه ٿيا.
جج موڪل تي هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثر شاگردياڻي پروين رند جو چوڻ هو ته ٻه سال ٿي ويا آهن انصاف نه پيو ملي، ڇا جوابدار عدالت کان به طاقتور آهن؟.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ مک جوابدار غلام مصطفيٰ راجپوت جي ضمانت رد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ جوابدار پوليس جي مدد سان ايفي آءِ آر مان سيڪشن 324 خارج ڪرائي ڇڏيو.- Advertisement -
