- Advertisement -
دولتپور صفن جي عدالت ڊاڪٽر پروين رند هيسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي پوليس طرفان ڪيس پراپرٽي پيش نه ڪرڻ تي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ ون جي عدالت پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند کي هيسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
فريادڻ ڊاڪٽر پروين رند پوليس سيڪيورٽي نه ملڻ سبب عدالت نه پهتي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت، فرحين ڏاهري ۽ عتيقه ڌامراهه عدالت ۾ پيش ٿيا، پرو وائيس چانسلر فريده وڳڻ عدالت نه پهتي.
پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردياڻي پروين رند جي چاچي علي نواز رند رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ هائي ڪورٽ حيدرآباد بئنچ طرفان ڊاڪٽر پروين رند کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي حڪم تي پوليس عمل نه ڪيو آهي.
هن چيو ته پوليس طرفان سڪيورٽي نه ڏني وئي آهي جنهن سبب اهي عدالت نه پهتا آهن کين جوابدار ڌرين مان جان جو خطرو آهي.
پوليس طرفان ڪيس پراپرٽي پيش نه ڪرڻ تي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 آڪٽومبر تي رکي ڇڏي آهي.- Advertisement -
