تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا معطلي واريون درخواستون رد

- Advertisement -
عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جي سزا معطلي واريون درخواستون رد ڪري سزا برقرار رکي وئي آهي، تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سزا معطلي بابت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون، سزا معطلي يا ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيس جي ميرٽ تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي، قلم 426 تحت جوابدار ضمانت جوڳيَ ڏوهه ۾ ضمانت جا دعويدار نٿا ٿي سگهن، ضمانت سزا ٻڌايل نه پر انڊر ٽرائل جوابدار جو حق آهي. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي خلاف اپيل تي 25 جولاءِ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ڏهن صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته سزا معطلي بابت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بيبي جون درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون. فيصلي موجب جوابدار قلم 426 تحت ضمانت جوڳيَ ڏوهه ۾ ضمانت جا دعويدار نٿا ٿي سگهن. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته قانون تحت عورت جوابدار به ضمانت جي دعويدار نٿي ٿي سگهي. فيصلي موجب سزا معطلي يا ضمانت تي آزادي جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڪيس جي ميرٽ تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي،  ٻنهي جوابدارن کي ٻڌايل سزا نه گهٽ مدي واري آهي نه ئي هو سزا جو وڌيڪ حصو ڪاٽي چڪا آهن. تفصيلي فيصلي ۾ عدالت پاڪستان ڪرمنل لا جنرل ۾ موجود محمد رياض نالي سرڪار ڪيس جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته ضمانت سزا ٻڌايل نه پر انڊر ٽرائل جوابدار جو حق آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون