- Advertisement -
عراق ۾ امريڪي فوجي اڏي تي راڪيٽ حملي ۾ ڪيترائي امريڪي فوجي زخمي ٿي پيا.
امريڪي عهديدارن حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حملو الاسد ايئربيس تي ڪيو ويو، 2 ڪٽيوشا راڪيٽ فائر ڪيا ويا جن مان هڪ راڪيٽ بيس جي اندر اچي ڪريو جنهن ۾ ڪيترائي فوجي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، امريڪي عهديدارن جو چوڻ آهي ته بيس تي ٿيل حملي کانپوءِ نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي.
پرڏيهي خابرو ايجسي موجب، هي حملو اهڙي وقت ۾ ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسرائيل جي فلسطينين مٿان حملن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.
واضع رهي ته گذريل هفتي اسرائيل تهران ۾ حماس جي سياسي اڳواڻ اسماعيل هانيه کي شهيد ڪري ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ ايران اسرائيل خلاف انتقامي ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو….- Advertisement -
