عرب ليگ جي 8 ملڪن شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اقتدار جي پر امن منتقل جي حمايت تي اتفاق ڪري ورتو آ

- Advertisement -
عرب ليگ جي 8 ملڪن شام ۾ بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اقتدار جي پر امن منتقل جي حمايت تي اتفاق ڪري ورتو آهي. الجزيره جي رپورٽ موجب اردن جي رپورٽ عقبه ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ اردن، سعودي عرب، عراق، لبنان، مصر، گڏيل عرب امارت، بحرين ۽ قطر جي پرڏيهي وزير گڏيل بيان جاري ڪيو. گڏيل پڌرائي موجب، سڀني سياسي ۽ سماجي فرسز کي نئين شامي حڪومت ۾ حصو ملڻ گھرجي ۽ ڪنهن به قسم جي نسلي فرقيواراڻي يا مذهبي فرق کان خبردار ڪيو ۽ سمورن شهرين سان انصاف ۽ برابري جو  مطالبو ڪيو. گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته شام ​​۾ سياسي عمل کي گڏيل قومن ۽ عرب ليگ طرفان سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ 2254 تحت سهڪار ڪرڻ گھرجي، 2015 ۾ منظور ٿيل ٺهراءَ ۾ ڳالهين تحت وچ ٿرو رستو ٺاهيو وڃي. هنن چيو ته رياستي ادارا شام کي افراتفري جو شڪار ٿيڻ کان بچائن ۽ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ڇاڪاڻ ته ان سان شام، خطي ۽ دنيا جي سڪيورٽي کي خطرا درپيش آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
28%
3.3m/s
3%
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون