غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جو سلسلو نه رڪجي سگھيو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 66 فلسطيني يهودي فوج جي دهشتگردي جي ور چڙهي ويا

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جو سلسلو نه رڪجي سگھيو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 66 فلسطيني يهودي فوج جي دهشتگردي جي ور چڙهي ويا، شهيدن جو مجموعي انگ 45 هزار جي ويجهو پهچي ويو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج غزه ۽ خان يونس ۾ ٻن اسڪولن ۽ پناهگاهن کي نشانو بڻايو، غزه سٽي ۾ شهرين جي گروپ تي ڊرون حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز بيت الاهيا ۾ عمارتن کي ڌماڪن سان اڏائي مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. غزه ۾ اسپتال تي گولاباري ۾ ۾ ايمبولنس تباهه ٿي ويون جڏهن ته ڪيترائي  ماڻهو پڻ زخمي ٿيا، جڏهن ته بمباري سبب تباهه ٿيل نصيرات ڪيمپ جي ملبي مان به لاش مليا آهن. عرب ميڊيا موجب، غزه جنگ جي شروع ٿيڻ کان هن وقت تائين شهيدن جو انگ 44 هزار 930 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 6 هزار 624 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي امريڪي قومي سلامتي جو مشير جيڪ سليوان اسرائيل پهچي نيتني ياهو سان ملاقات ڪئي آهي. هوڏانهن جيڪ سليوان جي تل ابيب پهچڻ تي اسرائيلي شهرين امريڪي قونصليت سامهون احتجاج ڪندي يرغمالين کي آزاد ڪرائن جو مطالبو ڪيو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
28%
3.3m/s
3%
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون