تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

علي امين گنڊاپور جو ڪالاباغ ڊيم بابت بيان سندس ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي، پارٽي پاليسي ناهي: سلمان اڪرم راجا

- Advertisement -
پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو ڪالاباغ ڊيم بابت بيان سندس ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي، پارٽي پاليسي ناهي. راولپنڊي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي پارٽي پاليسي واضح آهي، سنڌ ۽ ڪي پي جا خدشا آهن، هڪ اهڙو منصوبو جنهن تي ٻن صوبن کي خدشا هجن اهو وفاق جي لاءِ سٺو ناهي. سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته جيستائين سموريون ڌريون ان تي متفق نه ٿين ۽ سياسي ٺاهه نٿو ٿئي اهڙو ڪوبه منصوبو عمل جي قابل نه آهي. سندس چوڻ هو ته صدارتي نظام جي ڳالهه سندن پارٽي جي پاليسي نه آهي، ڪي پي جي وڏي وزير جو اهڙو بيان منهنجي نظر مان ناهي گذريو، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته هو علي امين گنڊاپور کان پڇا ڪندو. سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته هي پارليامان آئيني ترميم نٿو ڪري سگهي اهو فارم 47 جي پيداوار آهي، پارلياماني نظام بدران صدارتي نظام ايئن ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي، اسان خلاف جعلي ۽ ڪوڙا ڪيس آهن جن جي ٻڌڻي ئي نٿي ٿئي. سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي هدايت تي هن لاهور ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ميٽنگ گهرائي هئي، ميٽنگ ۾ پي ٽي آءِ باني جو پيغام پهچايو ويو ته پنهنجي پنهنجي کيسي مان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪريو. هن چيو ته اهو پاڻ ڪالهه سيالڪوٽ سمبڙيال ويو هو جتي جتي ممڪن ٿي سگهي ٿو اهي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري رهيا آهن، سندن ڪارڪن هر هنڌ موجود آهن ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون