تازه ترين

علي امين گنڊاپور حد کان وڌي رهيو آهي، سندس مقصد ڪجهه ٻيا آهن : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور حد کان وڌي رهيو آهي، سندس مقصد ڪجهه ٻيا آهن، تحريڪ انصاف جا وڳوڙي پوليس تي پٿراءُ ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي وڳوڙين پاران پوليس تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلايا ۽ فائرنگ سبب 80 کان 85 جوان زخمي ٿي پيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته تحريڪ انصاف جي ٽولن ۾ هٿيار آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سموري صورتحال جو ذميوار علي امين گنڊاپور آهي. سندس چوڻ هو ته ڪي پي جي وڏي وزير کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سندس ارادا ڪجهه ٻيا آهن، علي امين گنڊاپور چاهي ها ته ڳالهيون ٿي سگهن پيون. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته احتجاج ۾ افغان شهري ڪيئن آيا؟، 48 ڪلاڪن ۾ 120 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف جي مظاهرن ۾ افغان شهرين جي موجودگي ڳڻتي جوڳي آهي، هڪ طرف حملو ۽ هڪ طرف ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته احتجاج ڪندڙن جو مقصد رڳو شنگهائي سهڪار ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ آهي، هو وڌ کان وڌ نفري کي گڏ ڪري رهيا آهن، ايس سي او ڪانفرنس کي متاثر ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته تحريڪ انصاف وارن چيو هو ته ڪنهن ملڪيت کي نقصان نه پهچائيندا پر پي ٽي آءِ وارا سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، کين حملو ڪرڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن وڌيڪ لائن پار ڪئي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هنن وٽ هٿيار آهن، اهلڪارن وٽ هٿيار ناهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
29 %
3.5kmh
0 %
خميس
30 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون