- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عمر ڪوٽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا جو فيصلو عدالت ڪندي، جيڪڏهن ڪو ادارو ملوث هوندو سنڌ سرڪار ڪارروائي ڪندي، سنڌ سرڪار دٻاءُ کي نظرانداز ڪري ڪيس جي پوئواري ڪئي، واقعي مڪمل طور شفاف جاچ ڪئي وئي آهي، آئين تبديل ڪرڻ کانسواءِ اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي ممڪن ناهي، ميثاق جمهوريت ۾ ججن جي سليڪشن جو طريقيڪار ۽ آئيني عدالت بڻجڻ جو عمل واضح آهي، پ پ جي منشور ۾ به آئيني عدالتون شامل آهن، ڪراچي کي بجلي ملي يا نه ملي اسلام آباد وارن کي ڪا به ڳڻتي ناهي.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ صوبن جي نمائندگي ۽ ججن جي مقرريءَ سميت ٻيا معاملا شامل هئا، ان وقت ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه هجڻ سبب ڪجهه شيون رهجي ويون.
هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ بابت خدشا وفاق آڏو رکيا آهن، آئين تبديل ڪرڻ کانسواءِ اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي ممڪن ناهي.
وڏي وزير چيو ته عمر ڪوٽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا جو فيصلو عدالت ڪندي، جيڪڏهن ڪو ادارو ملوث هوندو سنڌ سرڪار ڪارروائي ڪندي، سنڌ سرڪار دٻاءُ کي نظرانداز ڪري ڪيس جي پوئواري ڪئي، واقعي مڪمل طور شفاف جاچ ڪئي وئي آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته اڪنامڪ زون بابت ڳالهه ناهي ڪئي، صوبا پنهنجي اهل حيثيت ۾ قيامت تائين قائم رهندا.
وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي بجلي ملي يا نه ملي اسلام آباد وارن کي ڪا به ڳڻتي ناهي، ڪي اليڪٽرڪ بورڊ ۾ سنڌ جي نمائندگي بابت هو وزيراعظم شهبازشريف سان ڳالهائيندو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ ججن جي سليڪشن جو طريقيڪار ۽ آئيني عدالت بڻجڻ جو عمل واضح آهي، پ پ جي منشور ۾ به آئيني عدالتون شامل آهن، چيو پيو وڃي ته عدالتون ڪنهن هڪ شخص لاءِ ٺاهيون پيون وڃن.
وڏي وزير چيو ته ميڊيا تي وڏي ذميواري آهي ته اها ماڻهن تائين اصل حقيقتون پهچائي، اڳ صحافت جو معيار اعليٰ هوندو هو هاڻي هر موبائل وارو صحافي آهي، صحافت جي غلط استعمال جا نقصان ٿيندا آهن، هو صحافي کي رياست جو چوٿون ٿنڀ سمجهن ٿا.- Advertisement -
