تازه ترين

شهر ۾ ڪٿي به صنعتڪارن جي زمينن تي قبضو ٿيو ته ھو پاڻ خالي ڪرائيندا:ڪامران ٽيسوري

- Advertisement -
سنڌ جي گورنرڪامران ٽيسوري چيو آھي ته شهر ۾ ڪٿي به صنعتڪارن جي زمينن تي قبضو ٿيو ته ھو پاڻ خالي ڪرائيندا، ڪوٽا سسٽم بابت بل تي هو پھرين کان ڳالھائڻ نه ٿا چاھن. ڪراچي ۾ ريپ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽسوري چيو ته هو جلد يو اي اي جي سفير سان ملاقات ڪري يو اي اي ۾ پاڪستاني پورهيتن جو مسئلو اٿاريندو ۽ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. گورنر چانورن ايڪسپورٽ ڪندڙن کي خوشخبري ڏيندي چيو ته واپار واري وفاقي وزير چانورن جي ايڪسپورٽ ڪندڙن کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ جلد ان کي صنعت جو درجو ڏنو ويندو، اميد آهي ته هن سال چانورن جي ايڪسپورٽ 4 بلين کان وڌي 6 بلين ڊالر تائين پهچي ويندي. سنڌ جي گورنر چيو ته سياست ڪرڻ سڀني جو حق آھي پر معشيت تي ڪابه سياست نه ڪرڻ گھرجي. ڪامران ٽسوري چيو ته ملڪ جي معيشت بھتر ٿيندي ته ملڪ ترقي ڪندو، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ضرورت ايڪسپورٽ جي آھي. ان موقعي  ٽڊاپ جي سي اي او زبير موتي والا چيو ته هن سال کاڌي پيتي جي ايڪسپورٽ کي 7 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو هدف آهي، چانور ايڪسپورٽ ڪندڙ ڪندڙن لاءِ نئين مارڪيٽ جي ڳولا جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون