عوام کي مهانگائي کان رڳو پيپلز پارٽي ئي بچائي سگهي ٿي،شرجيل انعام ميمڻ

spot_img
- Advertisement -

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عوام کي مهانگائي کان رڳو پيپلز پارٽي ئي بچائي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف جي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي طرف وڃڻو پوندو،  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀني سياسي پارٽين کي گڏ ويهاري سگهي ٿو، خواجه آصف سينئر اڳواڻ آهي، کيس تڪراري بيان نه ڏيڻ گهرجن.

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي پريس ڪلب پهچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 35هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ تي پريس ڪلب جي صحافين جو ٿورائتو آهي.

سندس چوڻ هو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ مهانگائيءَ جي طوفان تي ضابطو آڻڻو پوندو، عوام کي مهانگائي کان رڳو پيپلز پارٽي ئي بچائي سگهي ٿي.

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي طرف وڃڻو پوندو، سنڌ جي اسپتالن ۾ عوام کي مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ۽ ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي سستي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ منصوبا لڳايا، مريم نواز ۽ شهباز شريف جي لنڊن وڃڻ بابت ڄاڻ ناهي، ليول پليئنگ فيلڊ شفاف چونڊن جي گهر آهي، پير پاڳاري جو دل سان احترام ڪن ٿا راشد شاهه به قابل احترام آهي.

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نون ڌار ڌار پارٽيون آهن ۽ سندن نظريا به الڳ آهن، قربانين ۾ پ پ جو ڪنهن سان به مقابلو نٿو ڪري سگهجي، فل ڪورٽ به شهيد ڀٽو ڪيس جو ذڪر ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سڀني سياسي پارٽين کي گڏ ويهاري سگهي ٿو، خواجه آصف سينئر اڳواڻ آهي، کيس تڪراري بيان نه ڏيڻ گهرجن.

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام مايوس نه ٿئي ملڪي حالتون بهتر ٿينديون ڏکيو وقت گذري ويندو، مهانگائي ضرور آهي پر قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي، ڪوبه اڪيلو ماڻهو ملڪ جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
14%
1.3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون