- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا امن منصوبو وچ اوڀر ۾ جٽادار امن طرف اهم قدم آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته هو صبح شرم الشيخ ۾ تاريخي غزا امن منصوبي تي صحي ڪرڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو آهي.
سندس چوڻ هو ته غزا امن منصوبو وچ اوڀر ۾ جٽادار امن طرف اهم قدم آهي، مصري صدر السيسي ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ هن امن سربراهي اجلاس جا شريڪ ميزبان آهن، هو سندن ٿورائتو آهي.
وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر جي قيادت ۽ عزم کانسواءِ هو تاريخي لمحو نه ڏسن ها، ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ڌيان سبب غزا ۾ جاري قتل عام کي روڪڻ ممڪن ٿيو.
شهباز شريف چيو ته اڄوڪي تقريب نسل ڪشي جو هڪ باب جي پڄاڻي جي نشاندهي ڪري ٿي، عالمي برادري کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته ڪٿي به ائين ٻيهر نه ٿئي.
هن چيو ته بهادر فلسطيني عوام 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان هڪ آزاد فلسطين جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي ۾ رهڻ جو مڪمل حق رکي ٿو.- Advertisement -
