- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزا جو ڪنٽرول سنڀالڻ ۽ نئين سر اڏاوت واري منصوبي ۾ تڪڙ ناهي.
واشنگٽن ۾ ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايندڙ هفتي ڪيترن ئي ملڪن تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪندو.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ڪنٽرول جو ڪنٽرول سنڀالڻ ۽ ان جي نئين سر اڏاوت جي آمريڪي منصوبي تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا تڪڙ نه آهي.
ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته روسي صدر پيوٽن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو، هو اتر ڪوريا سان به لاڳاپا قائم ڪندا.
هوڏانهن آمريڪي صدر يو ايس اَي آءِ ڊي کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.- Advertisement -
