غزه تي اسرائيلي فوج جي حملا جاري، وڌيڪ 171 شهادتون، 190 زخمي

- Advertisement -
اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ فلسطينين جو قتل عام جاري آهي، پناهگير مان وڌيڪ 14 ڄڻن جا لاش هٿ آيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فوج 171 فلسطينين شهيد ۽ 190 کي زخمي ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيدن جو مجموعي انگ 27 هزار  207 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 66 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج جي بمباري ۾عمارتون مٽيءَ جي ڍير ۾  تبديل ٿي ويون آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون جاري آهن، قطري پرڏيهي وزير چيو آهي ته حماس طرفان جنگ بندي جا هاڪاري اشارا مليا آهن. قطري پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته پيرس ميٽنگ ۾ طئي ڪيل تجويزن تي ڪاميابي ملي رهي آهي، پيرس ميٽنگ ۾ تجويزن جي اسرائيل منظوري ڏني. قطري پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڌرين ۾ شروعاتي اتفاق هڪ وڌيڪ وقفي جو سبب بڻجندو،اميد آهي ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ سٺي خبر ملندي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
20%
3.2m/s
2%
اڱارو
20 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون