غزه تي اسرائيلي فوج جي دهشتگردي کي هڪ سئو ڏينهن پورا, گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي جارحيت ۾ وڌيڪ 135 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي فوج جي دهشتگردي کي هڪ سئو ڏينهن پورا ٿي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي جارحيت ۾ وڌيڪ 135 فلسطيني شهيد ۽ 312 زخمي ٿي پيا. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 23 هزار 800 تائين پهچي ويو جڏهن ته زخمين تعداد 60 هزار کان وڌي ويو آهي. عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج والاريل اولهه ڪناري ۾ ٽن فلسطيني نوجوانن کي شهيد ڪيو جڏهن ته النصيرات ۽ الفارع ڪيمپ تي حملي ۾ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا موجب، الاقصيٰ اسپتال ويجهو ڌماڪن ۽ چڪرين جا اطلاع مليا آهن، غزه ۾ صرف 6 ايمبولينسون استعمال جوڳيون آهن جڏهن ته انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪام سروس هڪ ڀيرو ٻيهر معطل ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ الاقصيٰ اسپتال ويجهو ڌماڪن ۽ زوردار جهڙپ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته الاقصي اسپتال ۾ تيل ختم ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي القسام بريگيڊ جا يهودي فوج جي جوابي حملا جاري آهي، ڪارواين دوران 5 اسرائيلي فوجي مارجي ويا. اسرائيل زميني ڪاررواين ۾ هن وقت تائين 187 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته غزه جنگ ۾ 4 هزار فوجي معذوري جو به شڪار ٿي ويا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
49%
4.9m/s
15%
خميس
23 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون