غزه تي اسرائيل جي دهشتگردي جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 86 فلسطيني شهيد، 113 زخمي

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيل جي دهشتگردي جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 86فلسطيني شهيد ۽ 113 زخمي ٿي پيا آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي جارحيت ۾ 30 هزار 717 فلسطيني شهيد ۽ 72 هزار 156 زخمي ٿي چڪا آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب، غزه تي اسرائيل جي تازن هملن ۾ 23 فلسطيني شهيد ٿيا جڏهن ته وچ غزه واري علائقي ۾ يهودي فوج 7 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو. فلسطيني صحت واري وزارت موجب، گهرن تي حملن ۾ وڌيڪ 6 شهادتون ٿيون جڏهن ته رفح، خان يونس ۽ نصيرات پناهگير ڪيمپ تي حملن ، 34 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا دعوى ڪئي آهي ته اسرائيل يهودي آبادڪارن لاءِ 3500 رهائشي يونٽس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني آباديون تعمير ڪيون وينديون، اولهه ڪناري کي مختلف حصن ۾ ورهائڻ سان فلسطيني رياست جو قيام ناممڪن ٿي ويندو. هوڏانهن غزه ۾ حماس عوام جي تحفظ لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، غزه ۾ ڪارو ماسڪ پهريل نوجوانن گشت شروع ڪري ڇڏيو آهي، تحفظ ڪميٽي جو مقصد غزه جي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
21%
3.7m/s
19%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون