- Advertisement -
پشاور هائيڪورٽ، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي قسم کڻائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
پشاور هائيڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس شڪيل احمد مخصوص سيٽن تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي قسم کڻڻ کان روڪيندي اڄ تائين جو اسٽي آرڊر جاري ڪيو.
پشاور هائيڪورٽ اڄ تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا مخصوص سيٽن لاءِ پشاور هائيڪورٽ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو؟
عدالت اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي عدالت مدد لاءِ نوٽس پڻ جاري ڪيا ۽ لارجر بئنچ جوڙڻ لاءِ ڪيس چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.- Advertisement -
