- Advertisement -
غزه تي اسرائيل جي وحشياڻا حملا جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 200 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج غزه ۾ حملن ۾ تيزي آڻي ڇڏي، رهائشي علائقن، پناهگير ڪيمپن ۽ اسپتالن جي ڀرپاسي ۾ بمباري ڪئي وئي.
اسرائيلي فوج غزه شهر ۾ حماس جي انٽليجنس هيڊڪوارٽر تي قبضي جي دعوى ڪئي آهي.
ٻئي پاسي والاريل ڪناري ۾به اسرائيلي ظلمن ۾ گھٽتائي نه اچي سگھي، يهودي فوج وڌيڪ 5 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي فوج لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن ۽ شام ۾ فوجي هنڌن تي به حملا ڪيا.
ٻئي پاسي فلسطيني مزاحمتي گروپن چار ڏينهن دوران 70 کان وڌيڪ اسرائيلي ٽينڪ ۽ فوجي گاڏيون تباهه ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي، مزاحمت ڪارن سان ويڙهه دوران ڪيترائي اسرائيلي فوجي به مارجي ويا آهن.
هوڏانهن غزه جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان جو جهاز مصر پهچي ويو، 20 ٽن امدادي سامان غزه پهچائڻ لاءِ مصري هلال احمر حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
