- Advertisement -
غزه جي هٿين خالي شهرن تي اسرائيلي فوج جا ظلم جاري آهن، فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته يهودي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 178 فلسطينين کي شهيد ۽ 293 کي زخمي ڪري ڇڏيو.
فلسطيني صحت واري وزارت وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد ٿي ويل فلسطينين جو تعداد 25 هزار 105 ٿي ويو آهي جڏهن ته
62 هزار 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي فلسطيني مزاحمتي تنظيمن جا قابض يهودي فوج تي جوابي حملا جاري آهن،
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه ۾ ويڙهه دوران وڌيڪ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو انگ531 ٿي ويو.- Advertisement -
