غزا ۾ پناهگير ڪئمپن تي اسرائيلي فورسز جا حملا، 16 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

- Advertisement -
غزه جي مسلمانن تي اسرائيلي ظلم رُڪجي نه سگھيا،اسرائيلي فورسز جي گولا باري، ڊرون حملا ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. اسرائيل جي نصيرات ڪيمپ تي هوائي حملي ۾ ست فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب، سامونڊي علائقن ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 16 فلسطيني نوجوانن شهادت جو جام پيتو، اتر جي رهائشي عمارتن تي اسرائيلي حملن ۾ به ڪيترن ئي شهادتن جو امڪان آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 44 هزار 758 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 5 هزار 834 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. اسرائيلي فورسز جو جباليه۽ بيت الاهيه سميت ڏکڻ جي علائقن جو سخت محاصرو به جاري آهي جڏهن ته دير البلاح ۾ اسرائيلي نيوي 6 فلسطيني مهاڻن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.1 ° C
27.1 °
27.1 °
40%
3m/s
22%
جمعو
26 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون