- Advertisement -
غزه جي هٿين خالي فلسطينين مٿان اسرائيلي فوج جي ظلمن جو سلسلو جاري آهي، عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فورسز جي جارحيت ۾ 25 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب غزه پٽي ۾ گذريل ڏينهن اسرائيلي هوائي حملن ۾ 25 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.
عرب ميڊيا موجب، 8 ڄڻا نصيرات پناهگير ڪ ڪيمپ جي هڪ اپارٽمينٽ ۾ ٿيا جڏهن ته 7 ٻارن سميت 10 ڄڻا جباليه ڪيمپ ۾ اسرائيلي فورسز جي دهشتگردي سبب حياتي وڃائي ويٺا.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي حملن ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين 45 هزار 227 فلسطيني شهيد ۽ هڪ لک 7 هزار 573 زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي حماس ترجمان جو چوڻ آهي ته غزه ۾ سمورا گروپ جنگ بندي معاهدي ويجهو آهن.
ترجمان موجب، هو چاهين ٿا ته اسرائيل جنگ بندي لاءِ نيون شرطون پيش نه ڪري.
هوڏانهن يونسينيف ترجمان جو چوڻ آهي ته غزه قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو آهي،
ترجمان ٻڌايو ته انروا جي رپورٽ موجب، 96 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن- Advertisement -
