غزه ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري آهي، يهودي فوج غزه جي آخري فعال اسپتال کي باهه ڏئي ڇڏي.

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي دهشتگردي جاري آهي، يهودي فوج غزه جي آخري فعال اسپتال کي باهه ڏئي ڇڏي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي کانپوءِ غزه جي آخري فعال ڪمال عدوان اسپتال به بند ٿي وئي، يهودي فوج اسپتال عملي، مريضن ۽ بي گهر فلسطينين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ٻئي پاسي مغازي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾  12 سال جي نينگري سميت 9 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جڏهن ته جباليه ڪيمپ ۾ ڇاپي دوران 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته شهيد فلسطينين جو انگ 45 هزار 484 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 8 هزار 90 زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فوج سان گڏ اسرائيلي آبادڪارن جا به فلسطيني شهرين تي حملا جاري آهن. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي آبادڪارن رام الله ڀرسان هارين تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي آبادڪارن هارين جي ملڪيتن کي به نقصان پهچايو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
31%
1.3m/s
60%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون