غزه ۾ اسرائيلي فوج جي رهائشي علائقن ۾ بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 250 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي فوج جي رهائشي علائقن ۾ بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 250 فلسطيني شهيد ٿي ويا، شهيدن جو مجموعي انگ 20 هزار 674  تائين پهچي ويو آهي. عرب ميڊيا موجب، غزه ۾ گذريل ڏينهن ڪلاڪن ۾ اسرائيلي بمباري ۾ روڊ رستا تباهه ٿي ويا جڏهن ته ايمبولينسن کي زخمين تائين پهچڻ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 20 هزار 674  ٿي ويو آهي جڏهن ته 54 هزار 536 فلسطيني زخمي آهن. ٻئي پاسي فلسطيني مزاحمتي تنظيم جي مجاهدن ميجر سميت ڪيترن ئي اسرائيلي فوجي به ماري ڇڏيا آهن ۽ ڪيتريون ئي اسرائيلي فوجي گاڏيون تباهه ڪيون ويون، هن وقت تائين غزه جنگ ۾ 489 فلسطيني مارجي چڪا آهن. ميڊيا رپورٽس موجب، اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي ڇاپن ۾ 35 فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو. هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جنگ ڊگھي عرصي تائين جاري رکڻ جي ڌمڪي ڏني آهي جڏهن ته حماس عالمي فوجداري عدالت کان يهودي جنگي ڏوهن جي احتساب جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي حماس ميڊيا سيل غزه پٽي ۾ جاني ۽ مالي نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. حماس ميڊيا سيل موجب، اسرائيلي بمباري ۾ هن وقت تائين 20هزار 674 فلسطيني شهيد ۽ 54 هزار 536 زخمي ٿيا آهن. حماس ميڊيا سيل موجب، يهودي فوج جي بمباري ۾ 65هزار گهر مڪمل تباهه ٿي ويا جڏهن ته 3 لک گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي حماس ميڊيا سيل  موجب، اسرائيل جي حملن ۾ 115 مسجدون به شهيد ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 3 چرچ، 23 اسپتالون،200 هيلٿ سينٽر ۽ ڪلينڪ به اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ تباهه ٿي ويون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون