- Advertisement -
غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيل جي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 22 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ويا، جڏهن حماس طرفان قاهره ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ وفد نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو انگ 39 هزار 790 ٿي ويو آهي جڏهن ته 92 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيل فلسطينين کي خان يونس شهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
هوڏانهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس طرفان قاهره ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ وفد نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، حماس چيو آهي ته 2 جولاءِ تي طئي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ اسرائيل تي زور ڏنو وڃي.
واضع رهي ته گذريل هفتي امريڪا، مصر ۽ قطر طرفان اسرائيل ۽ حماس کي 15 آگسٽ تي قاهره ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ ڳالهين جي نئين دوري جي دعوت ڏني هئي.- Advertisement -
