تازه ترين

ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، معيشيت جي بهتري لاءِ سڀ گڏجي ڪردار ادا ڪندا : مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان ملڪي معيشيت جي بهتري لاءِ ڪردار ادا  ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، معيشيت جي بهتري لاءِ سڀ گڏجي ڪردار ادا ڪندا. پشاور ۾ تاجور ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي آهي، هر طبقي سان گڏجي ملڪ جي معيشيت کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته  جيڪڏهن سموري خطي ۾ ڪنهن جي معيشيت ٻڏي رهي آهي ته اهو پاڪستان آهي، عوامي نمائندن جي نالي تي ويٺل ماڻهو جعلي آهن. سندس چوڻ هو ته جنهن ايوان تي عوام جو اعتماد ناهي اهو عوام جا مسئلا حل نٿو ڪري سگهي، ٽيڪس کين ورثي ۾ ملي آهي، ظالماڻي ٽيڪس هو ادا ڇو ڪن. مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام کي خبر آهي ته ان جي ٽيڪس ان تي خرچ نه پئي ٿئي، ٽيڪس وٺڻ کان پهريان قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي چيو ته ملڪي معيشيت تباهه ٿي چڪي آهي، ميان صاحب چيو چئلينج سمجهي قبول ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته هر شي تي ٽيڪس لڳائي وئي آهي، صرف ساهه کڻڻ ۽ موت تي ناهي، اهڙي طرح ملڪ ناهن هلندا، ملڪ اهي سياستدان هلائيندا آهن جن کي عوام جي ڏکيائن جو اندازو هوندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون