غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين جي نسل ڪشي جاري

spot_img
غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي، اسرائيلي فوج غزه تي هوائي ۽ زميني حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 76 فلسطينين کي  شهيد ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب، بيت الاهيه، نصيرات ۽ بوريج پناهگير ڪيمپن تي وحشياڻي بمباري ڪئيجنهن جي نتيجي ۾ 20ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته المواسي ۽ خان يونس ۾ پناهگير ڪيمپن تي حملن ۾ ڇهن ڄڻن شهادت جو جام پيتو، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 76 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 159 زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب، 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 43 هزار 922 تائين پهچي ويو جڏهن ته هڪ لک 3هزار 898 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي جهازن بيروت جي وچ وارن علائقن تي بمباري ڪئئي جنهن ۾ 4 شهري شهيد ۽ 18 زخمي ٿي پيا. لبناني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 36 شهري شهيد ٿي ويا جنهن کانپوءِ  شهيدن جو انگ هن وقت تائين 3 هزار 516 تائين پهچي چڪو آهي. هوڏانهن حزب الله طرفان اسرائيلي علائقن تي هڪ ڀيرو ٻيهر  حملو ڪندي لبنان مان 100 ڊرون ۽ راڪيٽ اسرائيل تي فائر ڪيا ويا جنهن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون