- Advertisement -
غلام نبي ميمڻ کي ٻيو ڀيرو آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.
غلام نبي ميمڻ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
غلام نبي ميمڻ پوليس سروس آف پاڪستان جي گريڊ 21 هين جو آفيسر آهي، هو آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت ٻين عهدن تي رهي چڪو آهي.
ان کان اڳ راجا رفعت مختار آءِ جي سنڌ جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.
پهريون ڀيرو جون 2022 ۾ غلام نبي ميمڻ کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو هو، جنهن بعد آگسٽ 2023 ۾ کيس هٽائي راجا رفعت مختار کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو، هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر غلام نبي ميمڻ کي اها ذميواري ڏني وئي آهي..- Advertisement -
