- Advertisement -
غوثپور ويجهو ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربند روهڙي واسي ٽن پورهيتن کي مبينا طور اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا.
ڳوٺ حاجي غوث بخش بجاراڻي ۾ڊاڪٽر نظير بجاراڻي جي بنگلي تان هٿياربند ٽن پورهيتن علي شير شيخ، سهراب شيخ ۽ مير خان شيخ کي اغوا ڪري ويا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واردات بابت تفصيل معلوم ڪرڻ بعد ڳوٺاڻن سان گڏ هٿياربندن پٺيان رواني ٿي وئي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل پورهيت روهڙي واسي هئا، جيڪي علائقي ۾ روڊ جو ڪم ڪندا هئا.- Advertisement -
