- Advertisement -
غوثپور ۾ ڪوڪاري ٽولي خلاف آپريشن ۾ ٻن ڏوهارين جي مارجڻ ۽ ٻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
صبح سوير جمال ٿاڻي جي حد ۾ شھيد ٿيل پوليس اھلڪار مظھر مشوري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوڪاري گينگ خلاف آپريشن ڪيو ويو.
ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڪوڪاري ٽولي خلاف ڳوٺ الھيار نندواڻي تي چڙھائي ڪري ڊرون حملو ڪيو.
ڊرون حملي ۾ ٻھ ڏوھاري مارجڻ ۽ ٻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن.
پوليس ڪارروائي دوران ھڪ مھينو اڳ مبينا طور اغوا ٿيل غوثپور واسي ضمير ميراڻي سميت ٻن مغوين جي بازياب ٿيڻ جا به اطلاع آھن.
ٻئي طرف رابو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جو چوڻ هو ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي.
هن چيو ته جمال واري علائقي ۾ مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.- Advertisement -
