- Advertisement -
غيرقانوني اڏاوتن ۾ ملوث سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽن آفيسرن کي ضلعي بدر ڪيو ويو.
ايس بي سي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا ٻه اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هڪ بلڊنگ انسپيڪٽر غير قانوني اڏاوتن م ملوث هئا.
ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ گريڊ 17 جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نجم قريشي کي سکر ريجن ۾ بدلي ڪري ڇڏيو .
ان کان علاوه گريڊ 17 جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شهزاد کوکر ۽ گريڊ 16 جي سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر علي خان کي ميرپورخاص بدلي ڪيو ويو جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ايس بي سي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽئي آفيسر ضلعي سينٽرل جي علائقن ۾ غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث هئا………- Advertisement -
