- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ پوليس مبينا مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاشاري ٿاڻي جي حد ڪيٽي انڙ ڀرسان گشت دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.
پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاريءَ جي سڃاڻپ سڌير ڀٽو طور ٿي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار ڏوهاري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
