غيرقانوني طور پرڏيهه ويندڙ جي يونان جي ڏاکڻي ٻيٽ ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا ٻڏي فوت

- Advertisement -
غيرقانوني طور پرڏيهه ويندڙ جي يونان جي ڏاکڻي ٻيٽ ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 39 ڄڻن کي بچايو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. اختيارين موجب حادثي ۾ 39 ڄڻن کي بچايو ويو آهي، جن مان اڪثريت جو تعلق پاڪستان سان آهي، جن کي مال بردار جهاز ذريعي بچايو ويو آهي، جڏهن ته لاپتا ماڻهن جي انگ جي هن وقت تائين تصديق ناهي ٿي سگهي. ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي الڳ الڳ واقعن ۾ مالٽا جي هڪ ڪارگو جهاز ذريعي 47 ڄڻن کي بچايو ويو ۽ هڪ ٽينڪر ذريعي يونان جي ڏاکڻي جزيري جي 28 ميل پري 88 ڄڻن کي بچايو ويو. ڪوسٽ گارڊ اهلڪارن جو چوڻ آهي ته اهي ٻيڙيون ليبيا کان گڏ هليون هيون، جيڪي حادثي جو شڪار ٿيون آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
39%
3.7m/s
78%
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
28 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون