- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سعودي هم منصب سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سعودي عرب جي شهر رياض پهچي ويو.
سعودي عرب جي مملڪتي گهرو وزير خالد محمد عبدالله البتال ۽ سعودي ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سعودي هم منصب سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
محسن نقوي 2034 جي فيفا جي ميزباني سعودي عرب کي ملڻ تي سعودي قيادت ۽ عوام کي مبارڪ ڏني، فٽبال ورلڊ ڪپ 2034جي حوالي سان سعودي عرب لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته سعودي عرب سندن سڀ کان بااعتماد دوست اسلامي ملڪ آهي، هر پاڪستاني کي هن دوستي تي ناز آهي، سعودي ۾ هميشه پيار ۽ محبت ملندي آهي، ولي عهد محمد بن سلمان جي ويزن 2030 ترقي ۽ خوشحالي جي تاريخ رقم ڪئي آهي.
سعودي عرب جي مملڪتي گهرو وزير خالد محمد عبدالله البتال جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان انتهائي ويجها لاڳاپا آهن…….- Advertisement -
