- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته فائنل مارچ يا انقلاب ۾ بشريٰ بي بي ڇو شامل ناهي؟ انقلاب آڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ قوم کي جاڳائي پاڻ اڃا تائين ستا پيا آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته ڇا بغاوت جي سربراهن جا ٻار انقلاب جو حصو نه ٿا بڻجي سگهن؟
هن چيو ته بشريٰ بي بي ڪوڙ تي ٻڌل بيان جاري ڪري قوم کي شرمسار ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارن کي تڪليف آهي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊا پور جلد ايندو ۽ جلد وري واپس هليو ويندو- Advertisement -
