تازه ترين

فاطما ڦرڙو قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن کي 13 ڏينهن جي عدالتي رماند تي جيل اماڻي ڇڏي

- Advertisement -
خيرپور جي عدالت پيرن جي حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن کي 13 ڏينهن جي عدالتي رماند تي جيل اماڻي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيرن جي حويلي ۾ زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران پوليس 14 ڏينهن جو رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه  ۽ امتياز ميراثي عدالت ۾ پيش ڪيو. نينگري فاطما ڦرڙو جي والد نديم ۽ امڙ شبنم ڦرڙو کي سخت سڪيورٽيءَ ۾ عدالت پهچايو ويو. ٻڌڻي دوران پوليس جوابدارن جي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت جوابدار اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه  ۽ امتياز ميراثي کي 13 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فياض شاهه کي راڻيپور ۾ ڪٺ ڪرائڻ واري ڪيس ۾ چئن ڏينهن جي رمانڊ تي جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
8 %
5.3kmh
10 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون