- Advertisement -
انصاف جي عالمي عدالت طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرڻ جي حڪم باوجود اسرائيل جارحيت ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 183 ڄڻا شهيد ۽ 377 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته شهيدن جو انگ 26 هزار 83 ٿي ويو آهي جڏهن ته 64 هزار کان وڌيڪ زخمي ماڻهو زخمي آهن.
عرب ميڊيا ج چوڻ آهي ته النصر، العمل ۽ الخير اسپتال جي ڀرپاسي ۾ اسرائيلي جارحيت سبب طبي عملي کي فرض نڀائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.
عرب ميڊيا موجب، النصرات ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 11 فلسطيني شهيد ٿي ويا.- Advertisement -
