تازه ترين

فوجي آمر هجي يا ڪو ٻيو، فرد واحد جو اختيار تباهي پکيڙيندو آهي، چيف جسٽس

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته فوجي آمر هجي يا ڪو ٻيو، فرد واحد جو اختيار تباهي پکيڙيندو آهي، پاڪستان سان هٿ چراند جي اجازت نه ڏني ويندي، پارليامينٽ جو احترام ڪرڻو پوندو، چيف جسٽس جا اختيار گهٽ نه پر محدود ڪيا ويا آهن،  مارشل لا لاڳو ٿيڻ وقت ڪنهن کي قسم ڇو ياد نه ايندو آهي، مارشل لا دوران  ڪو به درخواست کڻي نه ايندو آهي، ڇا نئين مارشل لاءِ جو در کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي بنيادي حق جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ فل ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون جو اثر چيف جسٽس ۽ ٻن ججن تي ٿئي ٿو، هڪ طرف چيف جسٽس جي اختيارن کي گهٽ ڪري ٻئي طرف سينئر ججن کي اختيار ڏنا ويا آهن.

هن چيو ته جنگ جو لفظ تمام گهڻو معنيٰ خيز آهي، ڪجهه چون ٿا ته اختيار پارليامينٽ جو آهي ۽ ڪجهه چون ٿا ته پارليامينٽ جا اختيار نه آهن.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جيڪڏهن هڪ ئي ڪيس کي ٻڌڻ ويهي رهي ته ٻيا ڪيس متاثر ٿيندا، پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون بابت پارليامينٽ ۽ عدليه آمهون سامهون آهن.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هو چيف جسٽس طور پنهنجا اختيار سينئر ججن ۾ ورهائي رهيو آهي، اهو سوال اهم آهي ته مستقبل ۾ ايندڙ چيف جسٽس اختيار ورهائڻ کي درست قرار ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته عدالتي فورم کي سياسي بحث لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، هاڻي پاڻي درياهه جي پل مٿان گذري چڪو آهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون بڻجي  چڪو آهي، هاڻي سوال آهي ته قانون درست آهي يا وري ناهي.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ 21 هين ترميم ڪيس ۾ قرار ڏنو ته عدالت آئيني ترميم به ڏسي سگهي ٿي، جيڪڏهن پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون آئيني ترميم سان ٺهيو ته پوءِ سپريم ڪورٽ معاملي جو جائزو وٺي سگهي ٿي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جي آزادي پاڻ هڪ ناياب شيءَ آهي يا عدالت جي آزادي ماڻهن لاءِ آهي،  جيڪڏهن عدالت جي آزادي هوندي ته ماڻهن لاءِ بهتري ٿيندي.

هن چيو ته هنن وٽ ٻيا به ڪيس آهن، هنن اٺ کي ڪنهن ڪناري تي لڳائڻو آهي، ڪهڙي آئيني شق متاثر ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جو قدر ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ آئين سان هٿ چراند ڪرڻ جي تاريخ نه وسارڻ گهرجي.

چيف جسٽس چيو ته پهريون بار جو صدر چوندو هو ته ڦلاڻي ڊاڪٽرائن جي دور ۾ ڪيس نه ٻڌو، فرد واحد وارا يا فوجي آمر هوندا آهن، يا ڪي ٻيا هوندا آهن، فرد واحد جو اختيار تباهي پکيڙيندو آهي، رڳو چيف جسٽس نه پر ماڻهن جي فائدي جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
25 %
2kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون