تازه ترين

فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جو ٽرائل شروع ٿي ويو ان حوالي سان وفاقي سرڪار  سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جو ٽرائل شروع ٿي ويو ان حوالي سان وفاقي سرڪار  سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. درخواست ۾ عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل شروع ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. وفاقي سرڪار درخواست ۾ چيو آهي ته 9 ۽ 10 مئي واقعن بعد 102 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته گرفتار ماڻهن کي انصاف جي حق لاءِ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ کي 3 آگسٽ جي حڪم نامي جي روشني ۾ عدالت کي ٽرائلز جي شروعات بابت آگاهه ڪيو پيو وڃي، فوجي تحويل ۾ ورتل ماڻهن کي پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952ع ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو هو. وفاقي سرڪار درخواست ۾ چيو آهي ته گرفتار ماڻهو جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۽ ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملي ۾ ملوث آهن، گرفتار ماڻهو پي اي ايف بيس ميانوالي ۽ آءِ ايس آءِ سول لائنز فيصل آباد تي حملن ۾ به ملوث آهن. درخواست موجب، گرفتار ماڻهو حمزه ڪيمپ، بنون ۽ گجرانوالا ڪيمپ تي حملي ۾ ملڻ هئڻ تي تحويل ۾ آهن، فوجي عدالتن ۾ ٽرائل دوران ڏوهه ثابت نه ٿيندڙن کي بري ڪيو ويو ۽ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندو. وفاقي سرڪاري درخواست ۾ چيو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل بعد جيڪي ڏوهي ثابت ٿيا کين معمولي سزائون ٿينديون، 9 ۽ 10 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي ڏوهه موجب قيد ڪاٽي چڪا آهن کين آزاد ڪيو ويندو جڏهن ته فوجي ٽرائل بعد قانون موجب سزائن خلاف سزا يافته لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهندا………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
13 %
6.7kmh
50 %
خميس
31 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون