فوج ۽ ملڪ سندن آهي، پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سا به ڪو جهيڙو ناهي : پي ٽي آءِ چيئرمين

- Advertisement -
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته فوج ۽ ملڪ سندن آهي، پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سا به ڪو جهيڙو ناهي، بيٽ کانسواءِ ڪو ٻيو چونڊ نشان ملي ٿو ته هو وٺندا پر اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ کي پارٽيءَ طور مائنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پشاور هائيڪورٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر جاري نه ٿيو، اليڪشن ڪميشن ذريعي پي ٽي آءِ کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هڪ وڪيل ن ليگ جو هجي ته ٺيڪ پر پي ٽي آءِ طرفان ويندو ته گرفتار ٿي ويندو، عدليا  پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته مسئلن جو حل ممڪن آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سندن مطالبو اليڪشن ڪميشن ۽ عدليا کان آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي هاڻي ان معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پوندي. بئريسٽر گوهر چيو ته پلان بي ۽ سي وٽن موجود آهن، جنهن ذريعي هو پارليامينٽ تائين ويندي، بيٽ جي نشان کانسواءِ به هو اليڪشن وڙهندا، بائيڪاٽ نه ڪيو ويندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ نان پارٽي بيسڊ اليڪشن کان روڪيو آهي، اميد ته سپريم ڪورٽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته فوج ۽ ملڪ سندن آهي، پي ٽي آءِ جو اسٽيبلشمينٽ سميت ڪنهن سا به ڪو جهيڙو ناهي…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
29%
3m/s
2%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون