- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فوري ۽ فيصلائتا قدم ملڪ ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهن، نو مئي جي رٿا بندي ڪندڙن کي سزا ملڻ تائين انصاف جو عمل اڳتي نه وڌي سگهندو، برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا ۾ به وڳوڙين کي انصاف جي ڪهڙي ۾ آندو ويو، پاڪ فوج جي ترجمان ڪوڙي واويلا ۽ نفرت تي ٻڌل پاليسي خلاف پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪ فوج جي ترجمان جي بريفنگ، چڙڏياريندڙ تقريرن ۽ ڪوڙي موقف کي پکيڙڻ خلاف پاڪستان جي پرعزم موقف کي اجاگر ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا ۾ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ فوري طور ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، اهڙي طرح جيستائين 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ ملوث ماڻهن کي سزا نه ڏني ويندي، حقيقي انصاف نه ملي سگهندو.
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۾ استحڪام ۽ انصاف لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻڻ ضروري آهن………- Advertisement -
