تازه ترين

فوري ۽ فيصلائتا قدم ملڪ ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهن: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فوري ۽ فيصلائتا قدم ملڪ ۾ استحڪام لاءِ ضروري آهن، نو مئي جي رٿا بندي ڪندڙن کي سزا ملڻ تائين انصاف جو عمل اڳتي نه وڌي سگهندو، برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا ۾ به وڳوڙين کي انصاف جي ڪهڙي ۾ آندو ويو، پاڪ فوج جي ترجمان ڪوڙي واويلا ۽ نفرت تي ٻڌل پاليسي خلاف پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ خواجا آصف چيو ته پاڪ فوج جي ترجمان جي بريفنگ، چڙڏياريندڙ تقريرن ۽ ڪوڙي موقف کي پکيڙڻ خلاف پاڪستان جي پرعزم موقف کي اجاگر ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته برطانيا، فرانس ۽ آمريڪا ۾ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ فوري طور ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، اهڙي طرح جيستائين 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ ملوث ماڻهن کي سزا نه ڏني ويندي، حقيقي انصاف نه ملي سگهندو. بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۾ استحڪام ۽ انصاف لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻڻ ضروري آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
65 %
1.5kmh
2 %
سُومر
31 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
33 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون