تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

فيبروري ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه آئين جي ڀڃڪڙي آهي: نثار احمد کهڙي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پيپلزپارٽيءَ تڪبنديون ڊسمبر تائين مڪمل ڪرڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي نظرثاني ڪري آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، نثار احمد کهڙي جو چوڻ آهي ته فيبروري ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي ڳالهه آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اليڪشن ڪميشن آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي.

ڪراچي ۾ سعيد غني ۽ وقار مهدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين جي فيصلي بعد فيبروري ۾ چونڊون ڪرائڻ وارين ڳالهه کي هو خلاف آهن، اليڪشن ڪميشن آئين مٿانهين ناهي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي، وقت تي چونڊون نه ٿيون ته جمهوري طريقي سان جدوجهد ڪئي ويندي.

نثار کهڙي چيو ته چونڊن ۾ دير ٿي ته شفاف ۽ پرامن اقتدار جي منتقلي تي سوال اٿندا، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو آهي ته تڪبندين جي مدي واري فيصلي تي نظرثاني ڪري وقت تي چونڊون ڪرايون وڃن.

پ پ سنڌ جي صدر چيوته اسيمبليون رڳو نگران حڪومت آڻڻ لاءِ نه پر شفاف چونڊن لاءِ  ٽوڙيو ويو، آدمشماري جي سي سي آءِ مان منظوري خلاف سپريم ڪورت ۾ داخل درخواست داخل آهي، هاڻي ڏسجي ته عدالت ڪهڙو فيصلو ڏي ٿي.

نثار کهڙي چيو ته تڪبنديون تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي آبادي جي بنياد تي ووٽرن جو انگ وڌايو وڃي، تڪبنديون سان سيٽون نه ٿيو وڌن ته چونڊن ۾ دير جو ڪو به جواز ناهي.

پ پ سينيٽر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي سياسي نظام ۽ ادارن کي برباد ڪرڻ لاءِ آندو ويو هو، اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو ڪو به جواز نه هو، ملڪ ۾ جمهوري حڪومتون ئي ملڪ کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا.

ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻ بشارت مرزا، ارتضيٰ بيگ، غلام صابر، عبدالحڪيم، محمد سليم، طارق حسن، وقار شيخ ۽ ٻين پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
26 %
2.7kmh
5 %
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون