فيض گنج:پوليس جي ڪارروائي، مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري نادر جوڻيجو زخمي حالت ۾ گرفتار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

فيض گنج پوليس طرفان مقابلي ۾ بدنام ڏوهاري نادر جوڻيجو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي موجودگيءَ جي ڳجهي اطلاع تي مهراڻ هاءِ وي تي پهتاسين ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

پوليس موجب جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري کي هٿيار سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري جي سڃاڻپ رتيديري واسي نادر حسين جوڻيجو طور ٿي آهي.

پوليس موجب جوابدار فيض گنج سميت ڪراچي، لاڙڪاڻو، لوڻي ڪوٽ، ڄامشورو ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي ڏوهن ۾گهربل آهي.

ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور پريس رليز جاري ڪندي فيض گنج پوليس جي ساراهه ڪئي آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
25%
2.1m/s
0%
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون