- Advertisement -
فيض گنج ويجهو گئس سئلينڊر جي ڌماڪي سبب ڪار کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ نارا تعلقي جي تجل واسي ڊاڪٽر زال ۽ معصوم پٽ سميت سڙي فوت ٿي ويو.
بصيرو لنڪ روڊ تي ڪار ۾ رکيل گئس سئلينڊر جي ڌماڪي سبب ڪار کي باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ ناري تعلقي جي تجل واري علائقي جا زال مڙس ذاڪره، حبيب الله سهتو ۽ سندن معصوم پٽ اڪرام الله سڙي فوت ٿي ويا.
ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پهچي باهه تي ضابطو آندو، اطلاع تي پوليس پهچي ٽنهي فوتين جا لاش ڪار مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، هڪ ئي گهر ۾ 3 مڙهه پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
فوتي حبيب الله سهتو ساهرن وٽ ترسيل هو جتان اڄ واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو.- Advertisement -
