- Advertisement -
فيض گنج جي پنڌرهيو واهه کي واٽر ڪورس 22 وٽان 25 فوٽ گهارو پئجي ويو، گهاري سبب سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، هاري پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف آهن.
فيض گنج ڀرسان پنڌرهيو واهه کي واٽر ڪورس 22 وٽان گهارو پوڻ جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙ فصل ۽ ربيع مد لاءِ تيار ٿيل زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي جنهن ڪري آبادگارن کي لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.
گهارو وڌي 25 فوٽن تائين پهچي ويو آهي، کاتيدارن موجب حد کان وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ ڪپر ڪمزور هجڻ توڙي ايريگيشن عملي پاران سار سنڀال نه ڪرڻ سبب گهارو پيو آهي.
اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گهاري کي ٻڌڻ لاءِ مشينري نه آندي.
هارين ۽ آبادگارن دانهيندي چيو ته اهي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر هيوي مشينري نه هجڻ ڪري گهارو بند ڪرڻ ناممڪن آهي.
هنن دانهيو ته سرنهن، ڪڻڪ، ڀاڄين وغيره جي آڳاٽي پوکي کي شديد نقصان پهتو آهي، جڏهن ته زمينن ۾ پاڻي بيهڻ سبب هاڻي پاڇاٽي پوکي به وقت سر نه ٿي سگهندي.
ڳوٺاڻن چيو ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب کين وڏو نقصان پهتو آهي، هنن ايريگيشن اختيارين کان نوٽيس وٺي فوري طور گهارو بند ڪرائڻ ۽ ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.- Advertisement -
