وزيراعظم طرفان لبنان ۽ غزه لاءِ امدادي سامان هوائي ۽ زميني رستي موڪلڻ جي هدايت

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف طرفان لبنان ۽ غزه لاءِ امدادي سامان هوائي ۽ زميني رستي جلد موڪلڻ ۽ فلسطين، لبنان، اردن ۽ مصر ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، پاڪستان طرفان غزه، فلسطين ۽ لبنان ڏانهن موڪليل امداد بابت جائزو ورتو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته لبنان ۽ غزه لاءِ امدادي سامان ٻن هوائي جهاز ذريعي فوري طور تي موڪليو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪندي چيو ته هوائي رستي کان سواءِ زميني رستي سان به ٽرڪن ذريعي امدادي سامان روانو ڪيو وڃي. وزيراعظم امدادي سامان پهچائڻ جي حوالي سان فلسطين، لبنان، اردن ۽ مصر ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته امدادي سامان مستحقن تائين پهچي. وزيراعظم طرفان غزه، فلسطين ۽ لبنان ڏانهن امدادي سامان موڪلڻ جي رفتار تيز ڪرڻ جون پڻ هدايتون ڪيون ويون. هن چيو ته پاڪستاني عوام غزه ۽ لبنان لاءِ فنڊ جمع ڪرائڻ لاءِ وزيراعظم رليف فنڊ  ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي ۽ فنڊ جمع ڪرائي پنهنجي فلسطيني ۽ لبناني ڀينر ڀائرن جي مدد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
5.7m/s
0%
اربع
24 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون