فيلڊ مارشل پاران سعودي جو دورو، اعليٰ ترين اعزاز سان نوازيو ويو
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ علاقائي امن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران سعودي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي جن ۾ علاقائي سلامتي جي صورتحال، دفاعي، عسڪري، اسٽريٽجڪ ڀائيواري، بدلجندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي چئلينجز شامل هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، هن ملاقات پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائپي لاڳاپن جي هڪ ڀيرو ٻيهر تصديق ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خادم حرمين شريفين بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي جاري ڪيل شاهي فرمان تحت فيلڊ مارشل عاصم منير کي سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي اعزاز ڪنگ عبدالعزيز ميڊل آف ايڪسيلينس سان نواز ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، ايوارڊ فيلڊ مارشل جي شاندار فوجي خدمتن، قيادت، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سهڪار، اسٽريٽجڪ ڀائيچاري ۽ ادارتي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس ڪردار جي اعتراف طور ڏنو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هي اعزاز علاقائي امن، استحڪام، خاص طور دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ مسلسل سهڪار لاءِ سندس خدمتن کي به ظاهر ڪري ٿو.
آءِ ايس پي آر موجب، سعودي قيادت فيلڊ مارشل جي پيشواراڻي صلاحيتن ۽ اسٽريٽجڪ ويزن کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن جي پراڻن ۽ ڀائپي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سندس عزم جي ساراهه ڪئي.
چيف آف ڊفينس فورسز هن ايوارڊ تي خادم حرمين شريفين ۽ سعودي قيادت جا ٿورا مڃيندي ان کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ۽ جٽادار لاڳاپن جي علامت قرار ڏنو.
فيلڊ مارشل عاصم منير چ سعودي مملڪت جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.









